ممبئي (شوبز نيوز) آمريڪي رسالي فوربز تي آءِ ايم ڊي تان حاصل ڪيل ڊيٽا جي مدد سان ڀارت ۾ هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪارن جي هڪ رپورٽ شايع ڪئي وئي آهي جنهن موجب شاهه رخ خان هندي سئنما ۾ هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪار آهي. رپورٽ موجب، فهرست ۾ ڏهه سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ ڀارتي اداڪرن جو واسطو ڏکڻ ڀارت سان ڄاڻايو ويو آهي. رپورٽ موجب، سڀ کان جهجهو معاوضو وٺندڙ اداڪارن ۾ شاهه رخ خان سرفهرست آهي هو هڪ فلم جو 150 ڪروڙ کان ٻه سئو ڪروڙ ڀارتي رپيا معاوضو وٺندو آهي. فهرست ٻئي نمبر تي سينيئر اداڪار رجني ڪانت آهي جيڪو هڪ فلم لاءِ شاهه رخ خان کان ڪجهه گهٽ يعني 115 ڪروڙ کان 170 ڪروڙ ڀارتي رپيا معاوضو وٺي ٿو. رپورٽ ۾ ٽئين نمبر تي ڀارتي اداڪار جوزف وجئه آهي جيڪو هڪ فلم جو معاوضو 130 ڪروڙ کان 250 ڪروڙ ڀارتي رپين تائين وٺندو آهي جڏهن ته چوٿين نمبر تي موجود بالي ووڊ اداڪار پرڀاس جي هڪ فلم جو معاضو سئو ڪروڙ کان ٻه سئو ڪروڙ رپين تائين آهي.
رپورٽ ۾ بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان کي پنجين نمبر تي رکيو ويو آهي ڇوته سندس هڪ فلم جو معاوضو سئو ڪروڙ کان 275 ڪروڙ ڀارتي رپين تائين آهي. ان کانسواءِ بالي ووڊ جي ٽئين ۽ مشهور خان سلمان خان هلندڙ سال وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪارن جي فهرست ۾ ڇهين نمبر تي موجود آهي هو هڪ فلم لاءِ سئو کان ڏيڍ سئو ڪروڙ ڀارتي رپيا معاوضو طلب ڪري ٿو.