لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مينز سينٽرل ڪانٽريڪٽ 22-2021 جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي موجب 20 ڪرڪيٽرن کي سينـٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو آهي ۽ ڪانٽريڪٽ ۾ 3 مختلف ڪيٽيگريز ۽ ايمرجنگ ڪرڪيٽرز کي شامل ڪيو ويو آهي. پي سي بي موجب سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ حسن علي ۽ محمد رضوان کي ترقي ڏئي کين اي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عمران بٽ، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ عثمان قادر ايمرجنگ ڪيٽيگري جو حصو بڻجي ويا آهن. بابر اعظم، حسن علي، محمد رضوان ۽ شاهين آفريدي اي ڪيٽيگري ۾ شامل آهن جڏهن ته اظهر علي، فهيم اشرف، فخر زمان، فواد عالم، شاداب خان ۽ ياسر شاهه کي ڪيٽيگري بي ۾ رکيو ويو آهي. پي سي بي موجب عابد علي، امام الحق، حارث رئوف، محمد حسنين، محمد نواز، نعمان علي ۽ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي سي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پي سي بي جو چوڻ آهي ته گذريل سال ايمرجنگ ڪيٽيگري ۾ شامل فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ محمد حسنين کي ڪيٽيگري سي ۾ ترقي ڏني وئي آهي. سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد جي تنزلي ڪئي وئي آهي کيس بي مان سي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي.