نيب چيئرمين سڀ کان پهرين عمران خان جي ماڻهن کي پڪڙيندو: شاهد خاقان عباسي

0
154
اي سي ايل مان نالو ڪڍو: شاهد خاقان عباسي جو عدالت سان رابطو
اي سي ايل مان نالو ڪڍو: شاهد خاقان عباسي جو عدالت سان رابطو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته قومي احتساب بيورو کي ختم ڪري اهلڪارن جو احتساب ڪيو وڃي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، عمران خان ڀلي روڊن تي نڪري، نيب چيئرمين سڀ کان پهرين عمران خان جي ماڻهن کي پڪڙيندو، پر حڪومت ڪنهن جي خلاف انتقامي ڪارروائي نه ڪندي

هن چيو ته نيب چيئرمين توهان پنهنجي دور ۾ ۽ گذريل 3 سالن ۾ ڪيترا سياستدان پڪڙيا؟ هڪ وزير نيب چيئرمين جي آفيس ۾ ويٺو هوندو هو

شاهد خاقان عباسي چيو ته ججن کي عدالتن ۾ ڪئميرائون لڳائڻ جي درخواست ڪئي ويندي، حڪومت نيب ۽ عدالتن ۾ ڪيمرا لڳائڻ جي اجازت ڏني آهي، ڪالهه عارف علوي کي ڏند ۾ سور هو ان ڪري حلف نه ورتو ۽  سمورن گورنرن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي

ھي به پڙھندا

امپورٽڊ حڪومت انتقامي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن: شهزاد اڪبر