شادي لارج(ن پ ا) شادي لارج ۾ دڪاندارن ڊي سي بدين جا حڪم ٿڏي ڇڏيا، من پسند اگھه مقرر ٿيڻ سبب غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني کائڻ کان محروم ٿي ويا آهن ڊي سي بدين هوٽل ۽ تندور مالڪن کي ماني 15 رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر هوٽل ۽ تندور مالڪن حڪم ٿڏيندي ماني 30 کان 35 رپين تي وڪرو ڪرڻ لڳا آهن اٽو في مڻ 4 هزار، کنڊ في ڪلو 150 کان 160، گيھه 450 ۽ چانور 300 کان 350 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳا آهن عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ تي چڙهيل آهن جنهن سبب غريب ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن رپورٽ موجب شادي لارج ۽ آس پاس جي مختلف علائقن ۾ هن سال دوران 23 کان وڌيڪ نوجوانن بيروزگاري غربت ۽ مهانگائي ڪري خودڪشي ڪري زندگي جو انت آندو رپورٽ موجب شادي لارج شهر ۾ دڪاندارن پاران پنهنجي من پسند جا اگهه مقرر ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي پر انتظاميه هن وقت تائين ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي شهرين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن ، محمد اقبال لنڊ، لياقت علي، صديق ڏيرو، آفتاب بلوچ، حميد خاصخيلي، جنيد ڪشميري ۽ ٻين ڊي سي بدين اي سي ٽنڊو باگو ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي دڪاندارن کي سرڪاري ريٽ لسٽ تي عمل ڪرايو وڃي.