شاديءَ جي جوڙي ۾ ڪنوار امتحان ڏيڻ پهچي وئي

0
642
شاديءَ جي جوڙي ۾

ڪيرالا(انٽرسٽنگ نيوز) شاديءَ جي جوڙي ۾ ڪنوار امتحان ڏيڻ لاءِ ڪاليج پهچي وئي. ڀارتي رياست ڪيرالا جي شري لڪشمي انيل شاديءَ جي جوڙي ۾ اڇو ڪوٽ پهري فزيو ٿراپي جي پريڪٽيڪل امتحان ۾ شرڪت لاءِ ڪاليج پهچي وئي. شري لڪشمي انيل، بيٿاني نواجيون ڪاليج آف فزيوٿراپي جي شاگردياڻي آهي

جڏهن اوهان جي امتحان جو پريڪٽيڪل اوهان جي شاديءَ ڏينهن هجي ته اوهان ڇا ڪندا؟ ڪنوار بڻيل ڪيرالا جي شري لڪشمي ٻئي ڪم گڏجي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو

ڪنوار جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وئرل ٿي وئي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي شاديءَ جي جوڙي ۾ پريڪٽيڪل لاءِ ليب ڪوٽ ۽ اسٽيٿو اسڪوپ سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو. وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته لڪشمي شاديءَ جي جوڙي، زيورن ۽ ميڪ اپ ڪيل چهري سان گڏ امتحاني هال ۾ داخل ٿئي ٿي

اتي موجود ساڳئي جماعت جا شاگرد هن کي ڏسي کلن ٿا. وڊيو ۾ لڪشمي جيئن ئي امتحان جي ڪمري ۾ داخل ٿيندي آهي ته پنهنجي دوستن طرف ڏسي شرمائيندي کلندي آهي جنهن تي هال ۾ موجود سمورا ساٿي ڀرپور تاڙين سان هن جي آجيان ڪري رهيا آهن