سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ 4 تي ايس يو پي اميدوار لطف ملاح جي ڏنل درخواست تي ھاءِ اسڪول ۾ آر او محمد خان ڀنگوار جي نگراني ۾ سمورن اميدوارن جي سامهون ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وئي، جنهن ۾ پ پ اميدوار سعيد ملاح 660 ووٽ کڻي پهرين، ايس يو پي جو لطف علي ملاح 446 ووٽ  کڻي ٻئي، آزاد اميدوار صدوري لاشاري 98 ووٽ کڻي ٽئين ۽ پي ٽي آءِ جو ساجد سولنگي 95 ووٽ کڻي چوٿين نمبر تي رهيو، اهڙي طرح وارڊ نمبر 4 تي پ پ جي اميدوار سعيد ملاح کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، نتيجا اچڻ بعد پ پ پاران خوشي ۾ ريلي ڪڍي وئي،