سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ ڀرسان نوجوان مهمان هٿان مبينا قتل، گولي لڳل لاش فارون جي باغ مان هٿ، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب درگاهه پير ذاڪري واسي 25 سالا عبدالحميد بروھي جو گوليون لڳل لاش فاورن جي باغ مان ھٿ ڪيو ويو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي سڪرنڊ پوليس پھچي لاش سرڪاري اسپتال سڪرنڊ آندو، جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ٻڌايو ته نوجوان کي بندوق جو فائر ڪري قتل ڪيو ويو آهي، مقتول جي مامي امير بخش بروھي چيو ته ڀاڻيجي جو دوست وزير جمالي ھن وٽ مھمان ٿي آيل ھو، جنهن صبع جو ھن کي چيو ته بندوق کڻي اچ ته ڳيرن جو شڪار ڪريون، ڪجهه دير بعد اسان  جي نوجوان جو لاش فارون جي باغ مان مليو، سان ظالمن ظلم ڪيو آهي، نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.