سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان پئي ٻيلي مان وڻن جي واڍي تي ڊي ايف او ذيشان ڀنڀري گارڊ حاڪم علي بروهي کي معطل  ڪري ڇڏيو آهي، مٿس الزام آھي ته هن جي لاپرواهي سبب پئي ٻيلي جي وڻن جي واڍي ٿي، ٻئي پاسي پئي ٻيلي جي مان وڻن جي واڍي جو آر ايف او محمد رفيق شيخ جي فرياد تي 7 ڄڻن خلاف سڪرنڊ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدارن ۾ ريحان، سھيل، صدام، قيصر، عمرو عرف نصرو جمالي ۽ ٻيا شامل آهن، ڊي ايف جو چوڻ آهي ته ٻيلي مان وڻن جي واڍي ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، هن چيو ته ٻيلي جا ڪجهه ملازم وڻن جي واڍي ۾ ملوث آهن جن خلاف ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن.