سڪرنڊ (رپورٽ: نيازچانڊيو) سڪرنڊ شهر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ رهندڙ نوجوان گونگا ۽ ٻوڙا سالن کان دوستي جو اعليٰ مثال بڻيل آهن جيڪي اڪثر ڪري شهر جي هڪ هوٽل تي گڏ ٿي چانهه پيئن ٿا ۽ ڪچهري سندن معمول آهي، هوٽل تي گڏ ٿيل گونگا ٻوڙا هڪٻئي سان اشارن جي ذريعي ڪچهري ڪري هڪٻئي سان ڏک سور ونڊين ٿا، جڏهن ڪو دوست ڪچهري ۾ نه ٿو پهچي ته هڪ ٻئي کان سندس چهري ۽ ڪم جي حوالي سان نشاني ڏئي معلوم ڪن ٿا، گونا نوجوان اڪثر ڪري واٽس ايپ ميسيج ذريعي هڪٻئي سان رابطو رکن ٿا، هي هڪ ٻئي جون دعوتون پڻ ڪن ٿا، اڪثر دوستن جو تعلق پورهيت طبقي سان آهي جڏهن ته ڪجهه زميندارن جا ٻار به شامل آهن، گونگا ٻوڙا جيڪڏهن پاڻ ۾ ناراض ٿيندا آهن ته انهن جو فيصلو پڻ ڪيو ويندو آهي، جيڪو اڪثر طور سرفراز زئونر اشارن ذريعي ڳالهيون ٻڌي ڪندو آهي، ڏوهي ڌر تي چٽي طور ماني يا چانهه جو ڏنڊ وڌو ويندو آهي، هنن مان ڪجهه نوجوان اسپيشل اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هو ھنر جي به ڄاڻ رکن ٿا، اڪثر گونگا نوجوان ڪمپيوٽر، درزي، واڍڪو، بورچي ۽ مزدوري جو ڪم ڪن ٿا.

درگاهه پير ذاڪري جي گادي نشين پاران گونگن جي مان ۾ آجياڻو

سڪرنڊ: درگاهه پير ذاڪري جي گادي نشين سيد منير شاهه ذاڪري پاران گونگن ٻوڙن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ۽ سندن ڏک سور معلوم ڪيا ۽ ڪچهري ڪئي، ان موقعي تي گونگن ٻوڙن نوجوانن پاران گڏيل طور تي کيس چيو ته اسان کي خوشي ٿي آهي ته اسان کي ڪنهن پنهنجو سمجهي ڳلي لاتو آهي، هنن منير شاهه ذاڪري جا ٿورا مڃيندي چيو ته اڄ تائين اسان کي ڪنهن به آجياڻو نه ڏنو هو ۽ نه ڪنهن ڪڏهن ڪچهري لاءِ گهرايو آهي، اسان شڪر گذار آهيون، جنهن اسان کي محبتون ڏنيون، سيد منير شاهه ذاڪري چيو ته هي حساس قسم جا انسان آهن، اسان کي هنن کي محبت ۽ عزت ڏيڻ گهرجي مون پنهنجي وس آهر سندن تعليم جي بهتري لاءِ هنن جي مدد ڪئي آهي ۽ آئنده به ڪندو رهندس، حڪومت کي گهرجي ته هنن کي سرڪاري سطح تي نوڪريون ڏئي.

 

سڀ ڪم ڪار ڪريون ٿا: گونگن نوجوانن جو اشارن وسيلي اظهار

سڪرنڊ: گونگن ۽ ٻوڙن سان ڪچهري دوران اشارن جي زبان سمجهڻ لاءِ اسپيشل اسڪول جي استاد احمد علي ڀٽي کان رهنمائي ورتي، جنهن دوران حسنين رحماني ٻڌايو ته مان بيڪري جو ڪم ڪندو آهيان، منهنجي خواهش آهي ته ماڻهو منهنجو احترام ڪن، شادي جي خواهش آهي، غربت سبب ڪري نه سگهيو آهيان، احمد انڙ چيو ته مان ريزڪي دوڪان تي مزدوري ڪندو آهيان، شادي ٿيل آهي پر سرڪاري نوڪري ملي ته زندگي بهتر گذرندي، شير محمد مگسي چيو ته ڊاڪٽر وٽ ڪمپائونڊر طور ڪم ڪيان ٿو، هاڻي مريضن کي گوريون ڏئي ۽ سيون هڻي بيزار ٿي چڪو آهيان، گهٽ خرچ ڏيڻ تي گهرواري به ڪڏهن ڪڏهن ناراض ٿي ويندي آهي، جهيڙو ٽارڻ لاءِ پوءِ لڪايل پئسا ڏئي پنهنجي جان ڇڏائيندو آهيان، زميندار ۽ ڪمپيوٽر جي ماهر سيف الله انڙ چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ماءَ پيءَ جي خدمت ڪيان ۽ حج ڪيان، ڪلاس ۾ بهترين پوزيشن حاصل ڪندڙ فرحان جوکيو چيو ته سندس خواهش آهي ته مان استاد ٿيان ۽ اسپيشل ٻارن کي پڙهايان.

 

خوشحال گهراڻن جا گونگا نوجوان غريب دوستن جي مدد ڪن ٿا

سڪرنڊ: اڪثر نوجوان جنهن ۾ کين وڏي مهارت رکندڙ آهن جڏهن ته ڪجهه نوجوان زميندارن جا پٽ پڻ آهن جيڪي پڻ هنن دوستن جي وقت به وقت سندن مسئلن ۾ مدد ڪندا رهن ٿا، 15 کان 20 نوجوانن تي مشتمل گونگن ۽ ٻوڙن جي دوستي ڪيتري ئي وقت کان هڪ مثال بڻيل آهي.

حڪومت کي گونگن نوجوانن لاءِ روزگار جو بندوبست ڪرڻ گهرجي: استاد

سڪرنڊ: اسپيشل اسڪول جي استاد احمد علي ڀٽي چيو ته هي نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن، حڪومت کي گهرجي ته سندن روزگار لاءِ بندوبست ڪري، هن چيو ته هنن ۾ وڏو ٽئلينٽ موجود آهي، استاد محمد سليم ڪيريو چيو ته اسان کي هنن جي مستقبل، تعليم ۽ زندگي جي باري ۾ سوچڻ گهرجي.