سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي فريئر روڊ تي واقع ھڪ کير جي دڪان تي ھٿياربندن ھٿيارن زور تي عملي کي يرغمال بڻائي ھزارين رپيا نقد ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏھن ته نئون ڳوٺ واري علائقي ۾ ھڪ مشروبات ايجنسيءَ جي دڪان تي پڻ ھٿياربندن چڙھائي ڪري ھڪ لک رپين جي لڳ ڀڳ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. روزانو جي بنياد تي پيش ايندڙ بدامني جي واقعن باوجود سکر پوليس ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ ۾ ناڪام آھي جنھن ڪري تاجر توڙي شھر پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رھيا آھن.