سکر ۾  ملڪيت جي تڪرار تان چاچي هٿان نوجوان ڀائٽيو مبينا قتل

0
378

سکر (ن پ ا) سکر جي تماچاڻي جي علائقي ۾ ملڪيت جي تڪرار تان چاچي پنهنجي نوجوان ڀائٽي کي مبينا طور تي قتل ڪري ڇڏيو آهي

مقتول جي والد والد ڪريم بخش چوهاڻ جو چوڻ آهي ته منهنجي ڀاءُ اسماعيل منهنجي پٽ مشتاق چوهاڻ کي لٺ جا وار ڪري سخت زخمي ڪيو، جنهن  کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو

پوليس چيو آهي ته پلاٽ جي مالڪي تان چاچو ڀائٽي کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، جوابدار فرار ٿي ويو، گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ماحول سوڳوار ٿي ويو

 

 

ھي به پڙھندا

ڪراچي: رينجرز ۽ پوليس جي ڪارروائي، 2 منشيات فروش گرفتار