سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ پوليس جو ڏوھارين سان مبينا مقابلو، ھڪ ڏوھاريءَ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي. پوليس ترجمان موجب بي سيڪشن پوليس رات جي وقت گشت ڪري رهي هئي ته ٽي اين ٽي موڙ وٽ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، نتيجي ۾ ھڪ ڏوھاري کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان ھڪ سال ۽ ميگزين ھٿ ڪيو ويو آھي. گرفتار ٿيل ڏوھاري جي سڃاڻپ خان عرف خان محمد شيخ طور ٿي آھي. گرفتار ڏوھاري خلاف سکر جي مختلف ٿاڻن تي ڦر، چوري، پوليس مقابلي سميت سنگين ڏوھن جا 7 کان وڌيڪ ڪيس داخل آھن. گرفتار ڏوھاري کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر ۾ داخل ڪيو ويو آھي. مقابلي دوران سندس 2 ساٿي اونداھين جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن.