سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ هٿياربندن جي رڪشا مٿان فائرنگ، رڪشا ھلائيندڙ پورھيت قتل، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. آباد ٿاڻي جي حد بس ٽرمينل وٽ هٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربند فائرنگ ڪري روشن عرف پپن لوهر کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. واقعي جي اطلاع بعد پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن رڪشا تي فائرنگ ڪري ڀٽائي ٽائون واسي روشن عرف پپن لوهر کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن واقعو ڪارنهن تڪرار تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. وارث ايندا ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو. مارجي ويل 38 ورھين جي نوجوان روشن لوھر جي سئوٽ غلام حيدر لوھر جو چوڻ آھي ته مارجي ويل سئوٽ اصل خانپور شڪارپور جو رھواسي آھي جيڪو فيملي سميت سکر ۾ رھائش پذِير ھو، برادري تڪرار تان کيس بيگناهه قتل ڪيو ويو آھي. سئوٽ جي مڱڻي رٿيل ھئي، برادري جي وڏڙن سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد ايف آءِ آر ۽ جوابدارن جا نالا ظاھر ڪيا ويندا.