سکر: کيرٿر ڪئنال ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل نوجوان جو لاش هٿ نه اچي سگهيو

0
158
سکر: کيرٿر ڪئنال ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل نوجوان جو لاش هٿ نه اچي سگهيو
سکر: کيرٿر ڪئنال ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل نوجوان جو لاش هٿ نه اچي سگهيو

سکر (رپورٽر) سکر کيرٿر ڪئنال ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل نوجوان محمد زبير عرف عقي جو لاش هٿ نه اچي سگهيو،

جڏهن ته ٻڏي ويل نوجوان جي وارثن طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳولا ڪئي پئي وڃي، نوجوان جي ڪئنال ۾ پير ترڪڻ سبب ڪرڻ واري وڊيو ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي،

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نوجوان ڪئنال ڪناري وڃي رهيو هو ته اوچتو پير ترڪڻ سبب ڪئنال ۾ ڪري پيو،

ٻڏي ويل نوجوان جي ڀاءُ ساجد بيهاري جو چوڻ آهي ته ڀاءُ زبير جو ذهني توازن درست نه هو.