سکر(بيورو رپورٽ) ڊويزنل اسپورٽس ڪاميٽي پاران سکر ڊويزن ۾ راندين جا مقابلا ڪرائڻ جو فيصلو، انٽر ڊسٽرڪٽ راندين جا مقابلا پهرين ڊسمبر تائين مڪمل ٿيڻ بعد فائنل مقابلا سکر ۾ ٿيندا. ان سلسلي ۾ ڊويزنل اسپورٽس ڪاميٽي جو اجلاس ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ ايڊيشنل ڪمشنر ون اختر حسين قريشي، خيرپور، گهوٽڪي ۽ سکر جي ڊپٽي ڪمشنرز، پوليس، تعليمي بورڊ سکر، چيمبر آف ڪامرس سکر، ڊائريڪٽر اسپورٽس سکر ۽ مختلف ايسوسيئيشنز جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر چيو ته راندين جي مقابلن لاءِ اسپورٽس ڪيلينڊر ترتيب ڏنو وڃي ۽ انٽر ڊسٽرڪٽ راندين جا مقابلا پهرين ڊسمبر تائين مڪمل ڪيا وڃن. هن ٻڌايو ته سمورن راندين جا فائنل مقابلا پهرين کان 10 ڊسمبر تائين سکر ۾ ڊويزن سطح تي معنقد ڪرايا ويندا. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنرز پنهنجي ضلعن ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪري سب ڪاميٽي جي سهڪار سان اسپورٽس شيڊول کي حتمي شڪل ڏين. ڪمشنر سکر ڊويزن چيو ته رانديگرن سان گڏ شاگردياڻين کي ايونٽ ۾ شامل ڪيو وڃي. اسڪول ڪاليجن وچ ۾ مقابلا ڪرايا وڃن، ٻين رانديگرن کي به اسپورٽس ڏهاڙن ۾ موقعيو فراهم ڪيو وڃي. ڪمشنر سکر ڊويزن چيو ته سياري واري موسم جو فائدو وٺندي صبح جي وقت گرلز ۽ شام جو بوائز اسپورٽس ايونٽ ترتيب ڏئي حتمي شيڊول کان آگاهي ڏني وڃي ته جيئن سمورن اسپورٽس ايونٽس ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڀرپور حصو وٺڻ جو موقعو ملي سگهي. هن چيوته فٽ بال، ٽيبل ٽينس، اسڪواش، بيڊمنٽن، ايٿليٽ، سائيڪلنگ جهڙي راندين لاءِ خانگي ايسوسيئيشن جو سهڪار پڻ حاصل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا مڪمل تعاون ڪندي. ضلعن ۾ سوڀ ماڻيندڙ ٽيمن جا فائنل مقابلا ڊويزنل سطح تي سکر منعقد ڪرايا ويندا. بهترين راند پيش ڪرڻ وارن ۾ ٽرافيون، انعام، شيلڊون ۽ ٻيا انعام ورهائڻ لاءِ مک تقريب پڻ معنقد ٿيندي. اجلاس ۾ خيرپور سکر، گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنرز، تعليمي بورڊ سکر، ڊائريڪٽر اسپورٽس سکر، چيمبر آف ڪامرس ۽ هاڪي ايسوسيئيشن جي نمائندن راندين جي مقابلن ۽ شيدول سميت ڪلينڊر ترتيب ڏيڻ بابت تفصيل سان بريفنگ ڏني.