سکر (بيورو رپورٽ) سکر ميونسپل جي ميئر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ پهرين بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، مالي سال 25/2024ع جي بجيٽ جو ڪاٿو 10 ارب 50 ڪروڙ 77 لک کان وڌيڪ لڳايو ويو، تفصيل موجب سکر ميونسپل جي ميئر ارسلان اسلام شيخ جي صدارت هيٺ بجيٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل، ميونسپل ڪمشنر محمد علي شيخ، يوسي چيئرمين، مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن ۽ ٻين ميونسپل آفيسرن شرڪت ڪئي، اڪائونٽ آفيسر غلام محمد سولنگي ڪائونسل کي مالي سال 25/2024 جي بجيٽ جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪل آمدني جو تخمينو 10 ارب 50 ڪروڙ 77 لک 26 هزار 8 سئو 75 رپيا لڳايو ويو آهي، جڏهن ته مجموعي طور خرچ 9 ارب 80 ڪروڙ 10 لک 92 هزار 465 رپيا آهن، جنهن ۾ 70 ڪروڙ رپيا بچت به شامل آهي، هن چيو ته ميونسپلٽي کي او زيڊ ٽي جي مد ۾ 2 ارب 33 ڪروڙ 77 لک 11 هزار 375 رپيا، جڏهن ته ڪيپيٽل آمدني 6 ارب 19 ڪروڙ، گرانٽ جي مد ۾ هڪ ارب ۽ ذاتي ذريعن مان 27 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني متوقع آهي، هن وڌيڪ تفصيل ڏيندي چيو ته هلندڙ ترقياتي اسڪيمن لاءِ 35 ڪروڙ 17 لک کان وڌيڪ جڏهن ته نئين اسڪيمن لاءِ 3 ارب 97 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، بجيٽ پيش ڪرڻ کانپوءِ ڪائونسل جي سمورن ميمبرن اتفاق راءِ سان بجيٽ منظور ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي ميئر چيو ته شهر جا ڊرينيج ۽ واٽر سپلاءِ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ وڃون پيا، 2 ارب رپين جو صاف پاڻي جو منصوبو منظور ڪيو ويو آهي، ايندڙ مهيني کان ڪم شروع ٿي ويندو، جڏهن ته ڊسپوزل اسٽيشنن جي بهتري لاءِ ڊرينيج سسٽم کي لڳ ڀڳ اپ گريڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بجلي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هيوي جنريٽر به امپورٽ ڪيا ويا آهن، ڪجهه جنريٽر ملي ويا آهن ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ ملي ويندا، اميد آهي ته ايندڙ هفتي ۾ انتظام مڪمل ٿي ويندا، جنهن کانپوءِ 70 سيڪڙو مسئلو حل ٿي ويندو، هن چيو ته ٻهراڙي وارن علائقن جتي پاڻي جي نيڪال ۾ ٽيڪنيڪل مسئلا آهن اُتي پاڻي جي نيڪال لاءِ مڊ پمپ، ڊيزل انجڻ ۽ ٽريڪٽر نصب ڪيا پيا وڃن ته جيئن ڊرينيج ۽ برسات جي پاڻي جي نيڪالي ممڪن بڻائي سگهجي، مهيا ڪيل مشينري جي حفاظت جي زميواري چونڊيل نمائندن مٿان هوندي، 70 سال پراڻي تباهه ٿيل نظام کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي، مون سون کان اڳ آفيسرن، انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن سان گڏ ويهي ڪم ڪرايو ويو آهي، ميئر سکر وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلين جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي اسان پنهنجو سمورو ڌيان ٻوٽن جي پوکڻ تي لڳائينداسين ته جيئن موجودهه ۽ ايندڙ نسل کي ان جي اثرن کان بچائي سگهجي، ميئر سکر سڪيورٽي گارڊ ۽ ڪميونٽي پوليس لاءِ 30 ملين رپيا ۽ سول سوسائٽي ۽ پاڙيسري ڪميٽين لاءِ 40 ملين رپيا مختص ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

لاڙڪاڻو ميونسپل جي 3 ارب، 17 ڪروڙ جي بجيٽ منظور، شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو فيصلو

لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي جي ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر جي صدارت ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي جي مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ فنانس ڪميٽي جي چيئرمين محمد قاسم بروهي ايندڙ مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته 3 ارب، 17 ڪروڙ، 46 لک، 65 هزار، 720 روپين جي ڪل بجيٽ ۾ 10 ڪروڙ، 68 لک، 10 هزار، 330 روپين جي بچت ڏيکاري وئي آهي. بجيٽ ۾ ڏنل انگن اکرن موجب پهرين جولاءِ 2024ع تي ميونسپل ڪارپوريشن جو اوپننگ بئلنس 11 ڪروڙ، 80 لک، 13 هزار، 501 رپيه هوندو. ايندڙ مالي سال جي ڪل آمدني جو ڪاٿو 3 ارب، 5 ڪروڙ، 66 لک، 52 هزار، 219 رپيه لڳايو ويو آهي. جڏهن ته ڪل خرچ 3 ارب، 6 ڪروڙ، 78 لک، 55 هزار، 390 روپيه هوندو. اهڙي طرح 30 جون 2025ع تي ميونسپل ڪارپوريشن جو ڪلوزنگ بئلنس 10 ڪروڙ، 68 لک، 10 هزار، 330 رپيه هوندو. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ پگھارن جي ادائگيءَ لاءِ هڪ ارب، 19 ڪروڙ، 95 لک، 60 هزار، 942 رپيه رکيا ويا آهن. جڏهن ته پينشن، گريجوئيٽي، مالي سهائتا لاءِ 36 ڪروڙ رکيا ويا آهن. ٻين خرچن لاءِ 73 ڪروڙ، 99 لک، 55 هزار روپيه رکيا ويا آهن. يوٽيلٽي بلن جي ادائگيءَ لاءِ 9 ڪروڙ، 26 لک روپيه، گورنمينٽ جي لازمي ادائگين لاءِ 10 لک روپيه، گذريل سالن جي بلن جي ادائگيءَ لاءِ هڪ ڪروڙ روپيه، اسٽريٽ لائيٽن ۽ ٻين هلندڙ ڪمن لاءِ 2 ڪروڙ، 38 لک، 48 هزار، 932 رپيه مخصوص ڪيا ويا آهن. مرمت وارن ترقياتي ڪمن لاءِ 12 ڪروڙ، 30 لک رپيه هلندڙ ترقياتي ڪمن لاءِ هڪ ڪروڙ، 79 لک، 20 هزار، 516 روپيه، نون ترقياتي ڪمن لاءِ 50 ڪروڙ رپيه رکيا ويا آهن. لاڙڪاڻي شهر جي 20 يونين ڪميٽيز جي لائيٽنگ لاءِ 10 ڪروڙ روپيه، ڊسپوزلس جي جنريٽرن جي تيل لاءِ 15 ڪروڙ روپيه ۽ ٻي مينٽيننس جي ڪمن لاءِ هڪ ڪروڙ، 50 لک رپيه رکيا ويا آهن. غريب شاگردن جي اسڪالرشپ، پريس ڪلب جي امداد، اقليتن، عورتن، ٽرانسجينڊرن جي ڀلائي ۽ ٻين ڪمن لاءِ 9 ڪروڙ، 22 لک روپيه رکيا ويا آهن. ان موقعي تي سمورن ميمبرن هٿ مٿي کڻي بجيٽ جي منظوري ڏني. ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي جي ميئر انور علي لهر خطاب ڪندي چيو ته اسان لاڙڪاڻي شهر کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻي پ پ پ قيادت جي هدايتن تحت شهر ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم بهتر نموني ٿي رهيو آهي. لائيٽنگ، روڊن رستن جا ڪم به هلي رهيا آهن ايندڙ مهيني کان هر يوسي کي ماهوار 12 لک رپيه ڏنا ويندا، ته جيئن لاڙڪاڻي کي اڃا به وڌيڪ خوبصورت ۽ صاف سٿرو بنائي سگھجي. هن وڌيڪ چيو ته ميونسپل ملازمن جي پگھارن ۽ پينشنن جا رهيل پئسا ڪليئر ڪيا ويا آهن. هن چيو ته رهيل ڪميون ڪوتاهيون پوريون ڪيون وينديون. ميونسپل ڪارپوريشن جا ميمبر سهڪار ڪن. ڊپٽي ميئر محمد امين شيخ چيو ته ميونسپل ملازمن کي ڇت فراهم ڪئي وڃي انهن کي ڇت فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. پ پ اڳواڻ خير محمد شيخ چيو ته پ  پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي لاڙڪاڻي شهر جي هر يوسي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي ذريعي ترقياتي ڪمن لاءِ رکيا ويا آهن. پر اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ حڪومت کان لاڙڪاڻي لاءِ وڌيڪ فنڊ وٺون ته جيئن مسئلا حل ٿي سگھن. يوسي چيئرمين محمد ابراهيم کوسي چيو ته سمورن يونين ڪميٽيز ۾ سولر لائيٽون ڏنيون وڃن. شهر ۾ فائر اسٽيشن قائم ڪئي وڃي. هن چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪارڪردگي بهتر آهي هاڻي شهر جي روڊن تي برساتن جو پاڻي به جلد نيڪال ٿي وڃي ٿو. اجلاس کي خطاب ڪندي ميمبرن بجيٽ کي بهتر قرار ڏئي پنهنجون تجويزون پيش ڪيون.