سکر (بيورو رپورٽ) جيل وارڊ مان قيدي جي فرار ٿيڻ بعد اي ايس آءِ ۽ ٽن اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس جيل وارڊ جي سيڪيورٽيءَ تي موجود اهلڪارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي اي ايس آءِ ۽ ٻن اهلڪارن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب، سي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار پاران ايس ايچ او سي سيڪشن لياقت علي لاشاريءَ جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سول اسپتال سکر جي جيل وارڊ مان شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ يعقوب تيغاڻي سان تعلق رکندڙ خطرناڪ قيدي خير محمد عرف خيرو ولد عزيز الله تيغاڻي فرار ٿيڻ جو اطلاع مليو ته فوري طور تي پهتاسين، جيل وارڊ ۾ ڊيوٽي تي موجود سپاهي محمد صادق سانگي، اي ايس آءِ هدايت الله چاچڙ، سپاهي دوست محمد ناريجو کان بار بار پڇاڻو ڪيو پر ڪو به مطمئين ڪندڙ جواب نه ڏنو، جيل وارڊ چيڪ ڪيوسين ته خطرناڪ قيدي خيرو تيغاڻي موجود نه هو، جاچ دوران پتو پيو ته قيدي جي هڪ ساٿي غلام مرتضيٰ عرف صدام حسين سبزوئي جيڪو هڪ پرائيويٽ ماڻهو آهي اُن کي به رهايو هو، سرچ دوران عورت جو برڪو اڇي رنگ جو، ٽي ٽي پسٽل ميگزين سميت هٿ آيو، ڊيوٽي تي موجود اهلڪارن خطرناڪ قيدي خيرو تيغاڻي کي فرار ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي. پوليس اهلڪارن قيدي جي ساٿي غلام مرتضي عرف صدام سبزوئي کي جيل وارڊ تائين پهچ ۾ مدد ڪئي. ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪارن ڄاڻي واڻي پوليس لائين يا لاڳاپيل ٿاڻي تي وقت تي اطلاع نه ڏني،  پوليس اهلڪارن جوابدار کي فرار ڪرائڻ لاءِ ڄاڻي واڻي جيل منتقل ڪرڻ ۾ دير ڪئي، ايف آءِ آر ۾ اي ايس آءِ هدايت الله چاچڙ، ڪانسٽيبل الطاف سانگي، دوست علي ناريجو، شهزادو چاچڙ، خيرو تيغاڻي جي ساٿي غلام مرتضي عرف صدام سبزوئي کي به نامزد ڪيو ويو. اي ايس آءِ هدايت الله، سپاهي الطاف ۽ دوست علي کي ٻه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو. جڏهن ته ڪيس ۾ هڪ اهلڪار شهزادو چاچڙ هن وقت فرار آهي. گرفتار پوليس اهلڪارن کي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جاچ آفيسر عدالت کان 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي. عدالت گرفتار پوليس اهلڪارن کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته خيرو تيغاڻي کي رحيم يار خان جي اسپتال مان پوليس گرفتارڪيو هو. مليل ڄاڻ موجب خيرپور تيغاڻي مٿان سنگين نوعيت جا ڪيس داخل هجڻ سان گڏ حڪومت پاران مٿس 27 لک انعام پڻ رکيل آهي.