سکر: عدالت سول اسپتال ۾ ايم ايس جي مقرري کي معطل ڪري ڇڏيو

0
143
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري

سکر (ن پ ا) سنڌ ھاءِ ڪورٽ بئنچ سکر سول اسپتال سکر ۾ ايم ايس جي مقرري کي معطل ڪرڻ وارو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي

سنڌ ھاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي جي مقرري وارو آرڊر معطل ڪيو، ڊاڪٽر لطف اللھ چنا جي درخواست تي عدالت ٻڌڻي ڪري اهڙو حڪم جاري ڪيو

جي ايم سي ٽيچنگ اسپتال جي ايم ايس جي پوسٽ 20 ھين گريڊ جي آھي

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي 19 ھين گريڊ جو آفيسر آھي، عدالت ۾ ڪيس ھجڻ تي سنڌ حڪومت ڊاڪٽر تسليم کي اڳ ھٽايو ھو ۽ ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻيءَ کي ٻيھر 3 فيبروري تي ايم ايس مقرر ڪيو ويو

پٽيشن ۾ وزير اعلي سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ کي ڌر بڻايو، سيڪريٽري ھيلٿ، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ سميت ٻين کي به ڌر ڄاڻايو ويو

عدالت ڌرين کي 16 مارچ تي پيش ٿي ڪري جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو