سکر: عدالت خورشيد شاهه خلاف داخل ٿيل پٽيشنز اڪلائي ڇڏيون

0
281
آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس

سکر(ن پ ا) سنڌ هاءِ  ڪورٽ سکر بئينچ خورشيد شاهه خلاف داخل ڪيل ٻه پٽيشنز اڪلائي ڇڏيون.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ طاهر شاهه ۽ وڪيل محمد علي شاهه طرفان خورشيد شاهه کي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ خلاف پٽيشن داخل ڪرائي وئي هئي.

خورشيد شاهه جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته خورشيد شاهه هاڻي جيل ۾ آهي.

وڪيل جي آگاهي بعد عدالت ٻنهي پٽيشز کي اڪلائي ڇڏيون.

واضح رهي ته خورشيد شاهه لڳ ڀڳ ٻن سالن کان اين آءِ سي وي ڊي ۾ داخل هجڻ ۽ مبينا طور کيس سهولتون ملڻ خلاف پٽيشنز داخل ڪرايون ويون هيون.