سکر (بيورو رپورٽ) سکر بيراج جي رائيٽ بينڪ ڪينالن دادو ڪينال، نارٿ، ويسٽ ڪينال ۽ رائيس ڪينال پهرين اپريل کان 30 اپريل 2024 تائين ضروري مرمت سبب بند رهندا، چيف انجنيئر سکر بيراج ليفٽ بينڪ ريجن سکر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪينالن ۾ هڪ مهيني لاءِ پهرين اپريل کان 30 اپريل 2024 تائين سالياني انسپيڪشن ۽ ضروري مرمت جي سلسلي ۾ پاڻي جو وهڪرو بند رهندو.