سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر بيراج جي 47هين گيٽ جي لهواري پاسي ڪافر ڊيم ٺاهڻ بعد نيٺ ٽگ بوٽ وسيلي ڪيسن گيٽ اسٽيشن تان کڻي پلرن تائين آندو ويو، ان کان اڳ بيراج جي مٿاهين پاسي گيٽ جي پلرن وٽ گارڊر لڳايا ويا آهن، ڪيسن گيٽ، جنهن کي ڪورنگ گيٽ چئبو آهي، انهن تي فٽ ڪيو ويندو، ڪيسن گيٽ جي جيٽي اسٽيشن مٿاهين پاسي کاٻي طرف اولپر فيڪٽري جي سامهون ٺهيل آهي، ان پليٽ فارم تان پينٽون کي ٽگ بوٽون ڇڪي آيون آهن، پلرن وٽ به ڪليمپ يا جي ٽي وٽ آڻي نٽن بلٽن سان فڪس ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو، ان ڪري اميد پيدا ٿي آهي ته جيڪڏهن اڄ تائين ڪيسن گيٽ لڳي ويو ته ڪينالن ۾ پاڻي وهڪرا وڌڻ شروع ٿي ويندا، سکر بيراج جا دروازا هيٺ لاهڻ وارو عمل به شروع ڪيو ويو آهي، ڪالهه سکر بيراج جي مٿاهين پاسي پاڻي وهڪرا لهي 72581 ڪيوسڪ تي پهچي ويا هئا، بيراج جي پانڊ ليول به وڌائي وئي آهي، جنهن ڪري ڪينالن ۾ ڪجهه پاڻي وڌڻ لڳو آهي، سکر بيراج جي ساڄي پاسي پانڊ ليول 192 فوٽن مان وڌي 195 فوٽ ۽ کاٻي پاسي 192 مان وڌي 194.8 فوٽ ٿي وئي هئي، ڪالهه شام نارا ڪينال ۾ پاڻي 13700، روهڙي ڪينال ۾ وڌي 8050، خيرپور ايسٽ ۾ 1050، خيرپور ويسٽ ۾ 850، رائيس ڪينال ۾ 5800، کير ٿر ۾ 1200 ۽ دادو ڪينال ۾ 950 ڪيوسڪ ڇڏيو ويو، ٻئي پاسي پنجاب وارن بيراجن مان پاڻي گهٽيل موڪليو ٿو وڃي، سنڌ جي آبپاشي کاتي پاران انهن کي گهربل پاڻي ڇڏڻ لاءِ اڃا تائين هدايت ناهي جاري ڪئي وئي، سکر بيراج وٽ پاڻي گهرج 60600 ڪيوسڪ آهي کڻت رڳو 31600 ڪيوسڪ آهي، ذريعن موجب 49 سيڪڙو پاڻي کوٽ ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ پوري ٿيندي نظر نه پئي اچي.