سکر (بيورو رپورٽ) سکر بئراج جي متاثر گيٽن وارو معاملو، سکر بئراج جي متاثر 47 هين گيٽ وٽ عارضي لڳائڻ وارو ڪم مڪمل ٿي ويو، سکر بئراج جي پانڊ ليول ۾ اضافو ٿيڻ وارو عمل جاري، سکر بئراج مان نڪرندڙ ستن ڪئنالن ۾ گهرج مطابق پاڻي فراهمي وارو به عمل شروع ٿي ويو، تفصيل موجب سکر بئراج جو آپريٽنگ سسٽم 8 ڏينهن بعد بحال ٿي ويو آهي، بحالي واري ڪم جي هفتي تائين صوبائي وزير ڄام خان شورو، سيڪريٽري ظريف کيڙو پاران پاڻ نگراني ڪئي وئي، جڏهن ته سول، مڪينڪل، شپ يارڊ ۽ چيني انجنيئرز پاران گيٽن جي بحالي واري ڪم ۾ حصو ورتو ويو، سکر بئراج متاثر گيٽ نمبر 44 هون چار ڏينهن اڳ مرمت بعد بحال ٿي ويو هو، جنهن بعد گيٽ نمبر 47 وٽ ڪافر ڊيم لڳائڻ وارو ڪم مڪمل ڪيو ويو، ڪالهه گيٽ نمبر 47 تي ڪيسن گيٽ لڳائڻ وارو ڪم به مڪمل ٿي ويو آهي، آبپاشي کاتي جي ذميوارن جو چوڻ آهي ته تمام گهڻو متاثر ٿيل گيٽ نمبر 47 هون جولاءِ ۾ تبديل ڪيو ويندو، جنهن لاءِ شپ يارڊ ڪمپني نئون گيٽ تيار ڪري 20 جولاءِ تي ڏيندي، جيڪو گيٽ نمبر47 تي لڳايو ويندو، سکر بئراج تي پانڊ ليول 196.6 فوٽ تي پهچي ويو، پاند ليول بهتر ٿيڻ سان ڪئنالن ۾ پاڻي فراهمي به وڌائي وئي ۽ بئراج مان نڪرندڙ ستن ئي ڪئنالن کي گهرج مطابق پاڻي جي فراهمي وارو عمل شروع ٿي ويو آهي، سکر بئراج جي ڪنٽرول روم پاران ڪئنالن کي فراهم ٿيندڙ پاڻي جي انگن اکرن موجب رائيس ڪئنال ۾ 9 هزار 200 ڪيوسڪ، دادو ڪئنال 2000، نارا ڪينال 13 هزار 700، روهڙي ڪئنال 10 هزار 50 ڪيوسڪ ڇوڙ ڪيو ويو، جڏهن ته سکر بئراج جي واهن ۾ مجموعي طور 41 هزار 550 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو، سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 66 هزار 900 ڪيوسڪ جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 25 هزار 350 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.