سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري/فاروق سومرو) سکر بئراج جي متاثر گيٽن جي بحالي وارو ڪم شروع، نقصان رسيل گيٽن جي تبديلي بابت آبپاشي کاتي فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو، 44هين گيٽ کي ويلڊنگ وسيلي سڌو ڪري مرمت بعد ساڳي جاءِ تي لڳائڻ جو فيصلو، 47 هين گيٽ جي لڙهي ويل اسٽيل شيٽ تي عارضي ڪيسن گيٽ لڳايو ويندو، گيٽن جي مرمت جاري، هفتو لڳڻ جا امڪان، خبر موجب سکر بئراج جي نقصان رسيل گيٽن جي تبديلي بابت آبپاشي کاتي فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي 44هين گيٽ کي ويلڊنگ وسيلي سڌو ڪري مرمت بعد ساڳي جاءِ تي بيهاريو ويندو، جڏهن ته 47 هين گيٽ جنهن جي اسٽيل شيٽ ٽٽي لڙهي وئي هئي، اتي عارضي ڪيسن گيٽ لڳايو پيو وڃي، جيڪو آبپاشي کاتي پاران اڄ سومر جي ڏنل ڊيٽ لائين موجب لڳي ويندو، جنهن جو ڪم هلندڙ آهي، ان بعد ان جي سامهون لهواري پاسي ڪافر ڊيم ٺاهيو ويندو، جنهن کانپوءِ اميد آهي ته واهن ۾ پاڻي ڇڏڻ جهڙي پوزيشن ٿي ويندي، ذريعن موجب آبپاشي کاتي پاران ڪيسن گيٽ وسيلي ئي ڪم هلايو ويندو ۽ ٻوڏ جي سيزن بعد دروازا مٽايا ويندا، ياد رهي ته سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو هو ته بيراج جو نان آپريٽو 14هون گيٽ متبادل طور لڳايو ويندو، آبپاشي کاتو ان ڳالهه تان پوئتي هٽي ويو آهي، ڇو ته ڪينالن ۾ پاڻي جي فراهمي لاءِ مٿن دٻاءُ وڌي ويو آهي، ذميوار ذريعن جو چوڻ آهي ته متاثر گيٽن جي بحالي ۽ ڪئنالن کي گهربل پاڻيءَ جي مقدار ان سموري عمل ۾ پنج کان ست ڏينهن لڳي ويندا. اِن حوالي سان صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو جو چوڻ آهي ته سکر بئراج جي متاثر گيٽ نمبر 44 هين جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، گيٽ نمبر 44 ڪڍيو ويو آهي جنهن جي مرمت چيني انجنيئرز ڪري رهيا آهن، ڪوشش آهي ته جلد بئراج کي آپريشنلائيز ڪري ڪئنالن کي پاڻي فراهم ڪيون، هن چيو ته ڪئنالن کي جلد پاڻي فراهم ڪري فصلن کي نقصان کان بچايو ويندو، هوڏانهن ٻه ڏينهن پاڻي ۾ لاٿ بعد سکر بئراج ڏانهن گڊو مان ڪالهه شام پاڻي وڌي 124024 ڪيوسڪ ٿي ويو، جيڪو 22 جون جي ڀيٽ ۾ 23 هزار ڪيوسڪ وڌيڪ آهي، ڪافر ڊيم ٺهڻ کان اڳ پاڻي واڌ سان ڪم متاثر ٿيڻ جا امڪان آهن، گڊو جي مٿاهين پاسي به وهڪرا وڌي 159483 ڪيوسڪ تي پهتا، چشما بئراج وٽان ڪالهه پاڻي ۾ لاٿ ۽ چاڙهه جو سلسلو جاري رهيو، منجهند 31 هزار ڪيوسڪ وڌائي شام جو وري گهٽايو ويو.