سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ايسوسيئيشن سکر ريجن جي صدر پروفيسر سيد غلام اصغر شاھ، جنرل سيڪريٽري پروفيسر مشتاق ڦلپوٽو ۽ ٻين پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي شاھ عبد اللطيف يونيورسٽي انتظاميا ڪاليجي استادن جي جا ئز مسئلن جي حل طرف ڌيان ڏي، اڳواڻن چيو افسوس جھڙي ڳالھه آھي 2019 وارن امتحانن جي ڊيوٽيز جا معاوضا سينٽر بل ۽ پريڪٽيڪل جي ڊيوٽيز جا معاوضا ھن وقت تائين ادا نه ڪيا ويا آھن، ڊائريڪٽر فنانس نثار احمد نوناري اسان جون ادائگيون ڪرڻ ۾ سنجيدگي اختيار ڪرڻ بدران ڪن لاٽار کان ڪم وٺي رھيو آھي، مسئلا حل نه ڪيا ويا ته نثار احمد نوناري ھٽايو تحريڪ ھلا ئي ويندي.