شوڪت صديقي جن آفيسرن تي الزام هنيا انهن کي ٻڌڻ کانسواءِ انهن خلاف ڪارروائي اڳتي نه ٿا وڌائي سگهون: چيف جسٽس

0
117

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس چيو آهي ته ادارا خراب نه هوندا آهن ماڻهو خراب هوندا آهن، اڳوڻي جج شوڪت صديقي جن آفيسرن تي الزام هنيا انهن کي ٻڌڻ کانسواءِ انهن خلاف ڪارروائي اڳتي نه ٿا وڌائي سگهون

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا اڳوڻي جج شوڪت صديقي جي برطرفيءَ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان انهن ماڻهن کي ڌر بڻائڻ نه ٿا چاهيو ته پوءِ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو فيصلو ظاهري طور درست هو، ادارن کي بدنام ڪرڻ جو فيشن هلي پيو آهي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ ۽ يو ٽيوب چينل تان لائيو نشر ڪئي وئي، اڳوڻي جج شوڪت صديقي جي وڪيل حامد خان اڳوڻي جج شوڪت صديقي جي تقرير جو ٽرانسڪرپٽ پڙهي ٻڌايو

 حامد خان چيو ته تقرير ۾ چيو ويو ته آءِ ايس آءِ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي اليڪشن تائين ٻاهر اچڻ نه ڏيڻو آهي، چيف جسٽس سوال ڪيو ته ان وقت هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ڪير هو؟

حامد خان چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس انوار ڪاسي هو، حامد خان چيو ته شوڪت صديقي کي آڇ ڪئي وئي ته اسان جي مرضيءَ جو فيصلو ڪيو ته توهان جا ريفرنس ختم ڪرائينداسين، جنهن ريفرنس تي برطرفي ٿي اهو سپريم جڊيشل ڪائونسل سو مو ٽو ورتو هو

 جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل کي تقرير جي خبر ڪيئن پئي؟ حامد خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو هو، چيف جسٽس چيو ته توهان الزام هيٺ آيل ماڻهن کي ڌر بڻايو يا نه بڻايو اسان هنن کي ٻڌڻ کانسواءِ ڪارروائي نه ٿا ڪري سگهون

حامد خان چيو ته اسان چاهيو پئي ته انهن ماڻهن کي سپريم جڊيشل ڪائونسل آڏو پيش ڪيو وڃي، چيف جسٽس چيو ته هاڻي ته وقت گذري ويو، توهان ٻڌايو ته هاڻي هنن کي ڌر بڻايو ٿا يا نه؟ وڪيل حامد خان چيو ته جيئن توهان چئو

 چيف جسٽس چيو ته اسان توهان جو ڪيس نه ٿا وڙهي سگهون، اهو فيصلو توهان کي ڪرڻو آهي، حامد خان چيو ته اهي ماڻهو سامهون اچڻ چاهين ٿا ته اسان ڀليڪار ڪنداسين، چيف جسٽس چيو ته ڪجهه ججن تي اعتراض ٿي سگهي ٿو، پر سموري عدليه کي خراب نه ٿو چئي سگهجي

 عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي