سپريم ڪورٽ ۾ اختيارن ۽ سڌارن بابت بل باضابطا قانون بڻجي ويو

0
198

سپريم ڪورٽ ۾ اختيارن

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ سڌارن ۽ اختيارن جي استعمال بابت بل باضابطا قانون بڻجي ويو آهي

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پرنٽنگ ڪارپوريشن کي گزٽ نوٽيفڪيشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته بل منظوري جا سمورا مرحلا مڪمل ٿيڻ بعد قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل هاڻي قانون جي شڪل ۾ لاڳو ٿي ويو آهي

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ ان بل تي عمل روڪي ڇڏيو هو، جڏهن ته صدر عارف علوي به ان بل کي ٻيو ڀيرو صحيح ڪرڻ کانسواءِ ئي واپس پارليامينٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيو هو

هي به پڙهندا

حڪومت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڳالهين جو ماحول تيار ڪري: فواد چوڌري