لاهور (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان  چيو آهي ته اسين سپريم ڪورٽ کي سلام پيش ڪريون ٿا، جنهن پي ڊي ايم کي ڀڄڻ نه ڏنو. زمان پارڪ ۾ ڪارڪنن کي خطاب عمران خان چيو ته هي وڪيٽون پٽي ڀڄي رهيا هئا ۽ اسين هنن کي روڪي رهيا هئاسين. ليڊر ٿيڻ لاءِ صادق ۽ امين ٿيڻ ضروري آهي.  ليڊر ٿيڻ لاءِ بزدل  ناهي ٿيڻو. هن چيو ته اسين سپريم ڪورٽ کي سلام پيش ڪريون ٿا، جنهن پي ڊي ايم کي ڀڄڻ نه ڏنو.  پارٽي اڳواڻن کي ٽڪيٽ نه ملڻ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته جنهن کي ٽڪيٽ ناهي ملي، اهو اپيل ڪري سگهي ٿو، موکي افسوس آهي ته سڀني جا انٽرويو نه ڪري سگهيس. هڪ ته عدالت ۾ چڪر لڳائڻا پئجي رهيا آهن ٻيو پي ڊي ايم چونڊن کان ڀڄي رهي آهي.