سپريم ڪورٽ پي ڪي 91 رٽرننگ آفيسر جي معطلي بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو

0
71
اليڪشن ڪميشن کي اختيار ناهي ته ڪنهن پارٽيءَ کي چونڊن کان ٻاهر ڪري: سپريم ڪورٽ
اليڪشن ڪميشن کي اختيار ناهي ته ڪنهن پارٽيءَ کي چونڊن کان ٻاهر ڪري: سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ پي ڪي 91 رٽرننگ آفيسر جي معطلي بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو،  چيف جسٽس قاضي فائز  عيسيٰ چيو آهي ته لڳي ٿو ڪجهه ٽڪساٽ استعمال ٿي رهيا آهن ته اليڪشن نه ٿئي

 سپريم ڪورٽ پي ڪي 91 رٽرننگ آفيسر کي پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان معطل ڪرڻ خلاف اليڪشن ڪميشن جي  اپيل تي ٻڌڻي هلائي، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل  دليل  ڏيندي چيو ته سنگل بئنچ 24 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس موڪلڻ بنا آر او کي معطل ڪيو

 ڪوهاٽ  جي رٽرننگ آفيسر بيماريءَ  سبب پاڻ موڪل گهري، پشاور هاءِ ڪورٽ پنهنجي نئين حڪم ۾ آر او خلاف ڪجهه نه لکيو، چيف جسٽس شڪايت گذار کان سوال ڪيو ته اوهان پنهنجي مرضي جو رٽرننگ آفيسر لڳائڻ چاهيو ٿا؟

لڳي ٿو ڪجهه ٽڪساٽ استعمال ٿي رهيا آهن ته جيئن اليڪشن نه ٿئي، رٽرننگ آفيسر بيمار ٿيو، ٻيو لڳايو ويو، پشاور هاءِ ڪورٽ  تڙ تڪڙ ۾ مقرري ڪينسل ڪري ڇڏي، پشاور هاءِ ڪورٽ جي جج نوٽيس جاري ڪرڻ به مناسب نه سمجهيو، هي هائڪورٽس مان ڪهڙي قسم جا آرڊرز جاري ٿي رهيا آهن؟

آر او ڪير به هجي، ڪهڙو فرق پوي ٿو، بنا سبب جي درخوستوان ڇو اچي رهيون آهن

عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن غيرقانوني يا غيرآئيني  قدم نه کنيو، اليڪشن ڪميشن فوري طور تي اسڪروٽني جو عمل شروع ڪري

 عدالت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل منظور ڪندي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو