سپريم ڪورٽ: پرويز مشرف جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل خارج

0
213
حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ آمهون سامهون: فل ڪورٽ جوڙڻ واريون درخواستون رد
حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ آمهون سامهون: فل ڪورٽ جوڙڻ واريون درخواستون رد

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف پرويز مشرف جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل غيرموثر هجڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ اپيل تي فيصلو ڏيندي چيو آهي ته پرويز مشرف ٻيهر اليڪشن وڙهَي ته نامزدگي ڪاغذن تي اعتراضن خلاف پنهنجو دفاع ڪري سگهي ٿو

عدالت چيو آهي ته مشرف 2013ع جي چونڊن ۾ ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، سال 2013 واري اسيمبلي 2018ع ۾ ختم ٿي چڪي آهي، پرويز مشرف جي وڪيل اقبال هاشمي چيو ته هُن ڪراچي مان ڪاغذات جمع ڪرايا هئا، جنهن تي عدالت پرويز مشرف جي ٻي اپيل لارجر بينج جي سامهون مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ان تي مشرف جي وڪيل چيو ته اڳوڻو صدر ملڪ کان ٻاهر آهي ان سان رابطو نٿو ٿي سگهي، ٻئي اپيلون گڏ ڪيون وڃن

جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اڄوڪو ڪيس خارج ٿي ويو، ٻيو ڪيس جڏهن لڳندو ته فيصلو ٿي ويندو

واضح رهي ته ڪراچي ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪندي کيس نااهل قرار ڏنو هو، اڄوڪي ڪيس جي ٻڌڻي نامزد چيف جسٽس، جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي