اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جو سينئر جج جسٽس سجاد علي شاهه عدالت عظميٰ ۾ 5 سال 4 مهينن کان وڌيڪ پنهنجي مقرري جو مدو مڪمل ڪري رٽائرڊ ٿي ويو، جسٽس سجاد علي شاهه 17 کان وڌيڪ منصف جي عهدي تي فرض سرانجام ڏنو، جسٽس سجاد علي شاهه 24 آڪٽوبر 2005ع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو هو، جيڪو بعد ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ به رهيو ۽ مارچ 2017ع ۾ هُو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ جج مقرر ٿيو. جسٽس سجاد علي شاهه انهن ججن ۾ ڳڻيو ويندو جن کي بينچ جي ذميواري ملڻ تي بار جو اعتماد حاصل نه رهيو، سندس رٽائرمينٽ جي موقعي تي فل ڪورٽ ريفرنس به منعقد نه ٿي سگهيو، نه ئي کيس ليگل ڪميونٽي پاران رٽائرمينٽ تي ڪو آجياڻو ڏنو ويو، سندس مان ۾ الوداعي تقريب به نه ڪئي وئي.