سپريم ڪورٽ جا هٿ ذوالفقار ڀٽو جي خون سان رڱيل آهن: آصفه ڀٽو ٽوئيٽ

0
150

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آصفه ڀٽو زرداري ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جا هٿ ذوالفقار ڀٽو جي خون سان رنگيل آهن، سپريم ڪورٽ جا هٿ 40 سال کان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خون سان  رنگيل آهن

ٽوئيٽ ۾ آصفه ڀٽو زرداري چيو ته سپريم ڪورٽ هاڻي ماضيءَ ۾ هڪ  فوجي آمر جي دٻاءَ ۾ ڪيل فيصلي کي  ختم ڪري سگهي ٿي

هن چيو ته اسان کي دعا ڪرڻ گهرجي ۽ اميد ڪرڻ  گهرجي ته معزز جج اڄ هن شرمناڪ فيصلي  کي ختم ڪري ڇڏيندا

آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اهو رڳو منهنجي خاندان لاءِ نه پر پاڪستان لاءِ به ضروري آهي