سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار جي نااهلي جي درخواست رد ڪري ڇڏي

0
227
سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار جي نااهلي جي درخواست رد ڪري ڇڏي، اسحاق ڊار جي نااهلي لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اسحاق ڊار کي عدالت طلب ڪيو هو پر هو پيش نه ٿيو

عدالتي ريمارڪس تي اسحاق ڊار جي وڪيل چيو ته سندس موڪل بيمار آهي ۽ پرڏيهه ۾ ترسيل آهي، کين اطلاع ناهي ڏنو ويو، تنهن ڪري مٿن قانون لاڳو نٿو ٿئي

عدالت چيو ته درخواستگذار نوازش پيرزادو گذريل ٻڌڻي تي به پيش نه ٿيو هو، ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته آرڊيننس تحت 2 مهينن کان حلف نه کڻندڙن جي سيٽ خالي سمجهي ويندي

عدالت طرفان درخواست رد ٿيڻ بعد اسحاق ڊار جي بطور سينيٽر ميمبرشپ جي نوٽيفڪيشن روڪڻ وارو ختم ٿي ويو