سپريم ڪورٽ آئين جي بالادستي لاءِ بيٺي آهي، تنقيد ڪرڻ سان ڪو به فرق نٿو پوي: چيف جسٽس

0
189
سپريم ڪورٽ آئين جي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ آئين جي بالادستي لاءِ بيٺي آهي جيستائين آئين کي مڃڻ واران آهن تيستائين تنقيد ڪرڻ سان ڪو به فرق نٿو پوي

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته آئين تي تنقيد ڪرڻ سان ڪو فرق نٿو پوي، جيڪي ماڻهو تنقيد ڪن ٿا انهن کي ڪو نه ڪو تڪليف پهچندي هوندي

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالت جا دروازا تنقيد ڪندڙن لاءِ به کليل آهن، عدالت جو ڪم سڀني سان انصاف ڪرڻ آهي، ماڻهن مان ذاتي ڪنٽرول ۽ برداشت ختم ٿي رهيو آهي

چيف جسٽس چيو ته ڪوئي اسان جي باري ۾ ڪير ڪجهه به سوچي، ملڪ جي خدمت ڪندا رهنداسين، جن ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن انهن جو احترام ڪريون ٿا، ٻڌڻي دوران عدالت ۾ دليل ڏيندي رضا رباني چيو ته صدارتي ريفرنس کانپوءِ آئيني ادارن تي حملا ڪيا ويا

ھي به پڙھندا

فريدآباد باهه واقعو: مراد علي شاهه پاران انتظامي ۽ حڪومتي نااهلي جو اعتراف