سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل ۾ ھيلٿ ڪيئرڪميشن ٽيم جي عبدالرزاق شيخ ۽ ڊاڪٽر عبدالمنان جي اڳواڻي ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪس تي ڇاپا هنيا، جنهن دوران ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪون بند ڪري کسڪي ويا، ٽيم ڇاپن دوران عطائي ڊاڪٽر معشوق علي ڀرٽ، علي چوھاڻ ۽ ميڊوائيف سلطانا برھماڻي جو ميٽرنٽي ھوم سيل ڪري ڇڏيو، ٽيم جو چوڻ ھو ته ھڪ ئي سرنج ڪيترن ئي مريضن تي استعمال ڪرڻ، ڪلينڪن تي صفائي نه ھجڻ سبب ڪاري ڪامڻ ۽ ٻين بيمارين ۾ اضافو اچي رهيو آهي، جنهن ڪري عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي، هوڏانهن ٽيم جي واپس وڃڻ بعد ٿيل ڪلينڪس عطائي ڊاڪٽرن تالا ٽوڙي کولي ڇڏيون.