سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل پوليس پاران ڏوهارين سان مبينا مقابلو، خيرپور ۽ نوشهروفيروز پوليس کي 11 ڪيسن گهربل ڏوهاري خيرپور واسي محمد موسيٰ عرف موسو چانڊيو کي زخمي حالت ۾ هٿيار سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب ڏوهه جي ارادي سان بيٺل 3 ڦورن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني جوابي فائرنگ ۾ 11 ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري محمد موسيٰ عرف موسو چانڊيو کي زخمي حالت ۾ گرفتر ڪري ورتو آهي، جڏهن ته 2 ڦورو رات جو فائدو وٺندي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس مطابق زخمي ڏوهاري موسو چانڊيو تي خيرپور جي فيض گنج ٿاڻي تي 8، احمدپور ٿاڻي تي 2 ۽ نوشهروفيروز جي ڀرياروڊ ٿاڻي تي 1 ڦر، پوليس مقابلن ۽ قتل جا ڪيس داخل آهن.