سي آءِ اي ڄامشورو پوليس منشيات سميت هٿيڪي، عملو معطل

0
272
ڄامشورو پوليس

ڪوٽڙي: ڪراچي ۾ رينجرز ۽ بوٽ بيسن پوليس جي وڏي ڪاروائي، سي آء اي پوليس ڄامشورو جي موبائل مان 65 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو. ڄامشورو پوليس چرس وڪرو ڪرڻ لاء پوليس موبائل کڻيو پئي وئي. بوٽ بيسن پوليس 6 سي آء اي اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو. سي آء اي ڄامشورو جو ڪرتا ڌرتا منشي اصغر پنهور فرار ٿي ويو. ان سلسلي ۾ پوليس ذريعن موجب ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ سي آء اي سينٽر کي سيل ڪري عملي کي لائين حاضر ڪري ڇڏيو، جڏھن ته پوليس ذريعن موجب ايس ايس پي ان معاملي جي جاچ ڪرڻ لاء چار رڪني ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي آھي. ٻئي پاسي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ ۽ ڊي ايس پي ڪوٽڙي غلام شبير سرڪي سان مسلسل رابطو ڪيو ويو پر انھن فون اٽينڊ نه ڪيا .ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ايس ايس پي ڄا،شورو جاويد بلوچ سي آءِ اي اهلڪارن کي بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي.