ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف ڪراچي واري قومي تڪ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ جي تاريخ تبديل ڪرڻ لاءِ صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي. پي ٽي آءِ جي ايم پي اي خرم شير زمان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان کي سيڪيورٽي جي حوالي سان خدشا آهن، بلديه ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ ڌمڪائڻ جو سلسلو جاري آهي، سيڪيورٽي جا انتظام بهتر ڪري نئين تاريخ مقرر ڪئي وڃي. ٻئي طرف پي ٽي آءِِ ايم پي اي خرم شير زمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تحريڪ انصاف کان اليڪشن ڪميشن کي گهڻي تڪليف آهي، اسان اڳ ۾ به رمضان جي مهيني ۾ چونڊ نه ڪرائڻ جي اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏني هئي، جيڪا به ٻڌي نه وئي، هن چيو ته اسان جي پارٽي مضبوط آهي، اسان اين اي 249 تي سوڀارا ٿينداسين، هن چيو ته ملير جي پي ايس 88 ۾ به اسان کي ڌانڌلين جون شڪايتون مليون هيون، انهي ڪري اين اي 249 جي پولنگ اسٽيشن اندر ۽ ٻاهر قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار مقرر ڪيا وڃن، اسان نه ٿا چاهيون ته هتي ڊسڪا اليڪشن وارو معاملو ٿئي.