دوداپور (ن پ ا) دوداپور ويجهو ميرانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ عيدن ليڙواڻي مان 25 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نظام الدين ليڙواڻي ولد شاهه علي ليڙواڻي کي هٿياربند گهر ٻاهران اغوا ڪري ويا هئا، جنهن جا پيرا اوستا محمد بلوچستان جي علائقي مان گم ٿي ويا هئا، مغوي جي وارثن پاڪ ڪتاب کڻي بلوچستان جي اوستا محمد ۽ ٻين شهرن ۾ گهمائي پڙو ڏنو ھو، جنهن بعد ڏوهارين پاڪ ڪتاب جو ٻڌي اغوا ٿيل نوجوان کي بلوچستان جي علائقي بيل پٽ واري علائقي مان آزاد ڪري ڇڏيو، نوجوان گهر پهچي ويو آهي، ٻئي پاسي ايس ايچ او ميرانپور محمدپناھ بروهي ٻڌايو ته ڏوهارين کي پوليس جو پريشر ھو ۽ وارثن به پاڪ ڪتاب کڻي پڙهو ڏنو ھو، جنهن بعد نوجوان آزاد ٿي گهر پهتو آهي. هوڏانهن نوجوان جي والد شاهه ولي ليڙواڻي ٻڌايو ته اسان وٽ ڀنگ ڀرڻ جي سگهه نه هئي، پاڪ ڪتاب کڻي پڙهو ڏنو جنهن جي ڪري پٽ بازياب ٿيو آهي.