ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اسٽنٽ ڊائريڪٽر نرسنگ جو ڪارنامو، نرسنگ ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ويڪسينيشن سينٽر ۾ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ، سنڌ ۾ نرسنگ جي ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر جا عهدا خالي هجڻ سبب اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪاروهنوار هلائڻ لڳي. نرسنگ بورڊ جي ڪنٽرولر جي به اضافي چارج رکندڙ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر خيرالنساء نرسنگ ڪاليجز جي انتظاميه کي خط لکي چيو آهي ته نرسنگ شعبي ۾ 4 سالن جي بي ايس سي ڊگري پروگرام تحت داخلا وٺي پڙھندڙ شاگردن کي هڪ هفتي لاءِ ويڪسينيشن سينٽر ۾ مقرر ڪيو ويندو، جنهن سان کين ڪلهي ۾ انجيڪشن لڳائڻ جو تجربو ٿيندو. خط ۾ چيو ويو آهي ته 24.جولاء کان پنج سيپٽمبر تائين کين هڪ هڪ هفتي جي ڪلينڪل ٽريننگ لاءِ ويڪسينيشن سينٽر تي مقرر ڪري ٽريننگ ڏني ويندي.