ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سيوهڻ ۾ 50 ايڪڙ ليز واري زمين تان بااثر شخصيت پاران ريتي بجري کڻڻ واري معاملي تي معدني وسيلن واري کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل پاران فزيڪل انسپيڪشن ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سيوهڻ جي اڪڙي ڳوٺ ۾ فهد علي نالي شخص پاران مائينز اينڊ منرل کاتي جي ڊائريڪٽر کي خط لکي زمين تان غير قانوني ريتي بجري کڻڻ جي شڪايت ڪندي ڊي جي ڏانهن خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته 21 اپريل 2021ع تي اڪڙي ڳوٺ ۾ ريتي بجري واري 50 ايڪڙ زمين ليز تي کنئي پر بااثر مقامي شخص شمن شاھ الاٽ ٿيل زمين تان بجري ۽ ريتي کڻڻ نه پيو ڏئي، هن اهو الزام به هنيو ته بااثر شخص مون کي ليز مليل زمين مان روزانو 300 ٽرڪن جي ريتي ۽ بجري کڻي رهيو آهي. الاٽيز جي اهڙي شڪايت کانپوءِ ڊي جي اختر عنايت ڀرڳڙي پاران اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هيڊ ڪوارٽر راشد انصاري کي خط لکي ليز واري 50 ايڪڙ زمين جي فزيڪل انسپيڪشن ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پر ان باوجود فزيڪل انسپيڪشن شروع ناهي ڪئي وئي.