سيوهڻ (ن پ ا) سيوهڻ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪڻڪ جا لابارا ختم ٿيندي ئي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچي وئي آهي پر سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي خريداري مرڪز کلي نه سگھيا آهن، جنهن سبب آبادگار سخت پريشان آهن، ان حوالي سان آبادگارن هارون ٽالپر، جميل، بخش خاصخيلي، قاسم سولنگي، سڄڻ هاليپوٽو، شريف جتوئي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سرڪاري خريداري سينٽر نه کلڻ سبب نقصان ٿي رهيو آهي، واپاري گھٽ اگھه تي ڪڻڪ خريد ڪري ٻنھي هٿن سان ڦري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سرڪاري خريداري مرڪز کولي نقصان کان بچايو وڃي.