سيوهڻ واسي پسند جو پرڻو ڪندڙ اهلڪار ڪوارٽر گهاٽ، ناري جو وڊيو بيان جاري

0
774
سيوهڻ واسي پسند جو پرڻو

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سيوهڻ واسي پسند جو پرڻو لاءِ ڪندڙ پوليس اهلڪار کي ڪوارٽر گهاٽ ڪيو ويو آهي، ناري ريحانه جويو سان شادي ڪندڙ اهلڪار گلزار گاڏهي کي جيل پوليس ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو

ناري ريحانه هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو آهي، جنهن هو چوي ٿي ته مڙس کي اڳوڻي مڙس رجب جويو ۽ سندس وارثن جي چوڻ تي ڪوارٽر گهاٽ ڪيو ويو آهي

هن چيو ته 10 مارچ تي گهران نڪري عدالتي پرڻو ڪيو ۽ تحفظ لاءِ درخواست به داخل ڪرائي هئي پر پوليس عدالتي حڪم باوجود تحفظ فراهم نه ڪيو

مڙس ٽي ڏينهن اڳ سينٽرل جيل ۾ ڊيوٽي تي ويو جتان واپس ناهي موٽيو، جنهن بابت ٻڌايو ويو آهي ته کيس ڪوارٽر گهاٽ ڪيو ويو آهي

ريحانه جويو چيو ته اڳوڻو مڙس رجب جويو ۽ مائٽ معشوق، امداد ۽ گلشير شاهه اغوا ڪرڻ بعد قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، تحفظ فراهم ڪيو وڃي