اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي ايوان مفادن جي ٽڪراءَ جي حوالي سان سينيٽ رولز ۾ سينيٽر ثانيه نشتر جي ترميم  اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏي، تحريڪ انصاف جي اڪثر ميمبرن به ترميم جي حمايت نه ڪئي. جڏهن ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي بحران بابت بحث تي وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آھي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جو ڪو به بحران ناھي، مجموعي طور تي ھن وقت ملڪ ۾ 72 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ جا ذخيرا آھن.