لاهور: (م ڊ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي عهدي تان هٽائڻ  جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.  درخواست مقامي شهري مشڪور حسين نديم سرور ايڊووڪيٽ جي ذريعي داخل ڪئي جنهن ۾ صادق سنجراڻي ۽ اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صادق سنجراڻي بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ڪاميابي کان پوءِ اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو. درخواستگذار موجب صادق سنجراڻي هڪ ئي وقت 2 سيٽون نٿو رکي سگهي ۽ غيرقانوني طور تي سينيٽ چيئرمين جي طور تي ڪم ڪري رهيو آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن صادق سنجراڻي کي بطور سينيٽر سيٽ خالي قرار ڏيڻ جو حڪم ڏئي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ صادق سنجراڻي کي بطور سينيٽ چيئرمين ڪم ڪرڻ کان روڪي.