سينيٽر ٿيڻو آهي ته پاڻ هتي اچو، صادق سنجراڻي جو اسحاق ڊار کي جوابي خط

0
240
وڊيو لنڪ ذريعي حلف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار کي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسحاق ڊار جو وڊيو لنڪ ذريعي حلف نٿو وٺي سگهجي

سينيٽ چيئرمين پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته اسحاق ڊار جي خط جو قانوني جائزور ورتو ويو آهي، سينيٽ جا پنهنجا قانون ۽ ضابطه آهن

سينيٽ چيئرمين خط ۾ لکيو آهي ته اسحاق ڊار جو وڊيو لنڪ جي ذريعي حلف نٿو وٺي سگهجي، هاءِ ڪمشنر لنڊن جي ذريعي به حلف وٺڻ جي به گنجائش ناهي، ايوان جو ميمبر بڻجڻ لاءِ حلف کڻڻ لاءِ توهان کي پاڻ اچڻو پوندو، سينيٽ چيئرمين خط جي ڪاپي اسحاق ڊار کي موڪلي ڇڏي