سن(ن پ ا) سموري زندگي فن کي ارپيندڙ سنڌي فلمن،  اسٽيج ۽ ٽي وي جي سينيئر اداڪار   يونس سنائي جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن سبب کيس سن  جي اسپتال ۾ داخل ڪيو  ويو، رابطي ڪرڻ تي  سندس فرزند شنيل يونس ٻڌايو ته بابا کي گڙدن ۾ سور پوڻ ڪري سندس جي تمام گھڻي  حالت خراب ٿي وئي آهي  ڊاڪٽرن طرفان  حيدرآباد ۾  داخل ڪري علاج ڪرڻ جو چيو ويو آهي اسان   جي مالي حالت ايتري بھتر ناھي جو اسان ڪنهن سٺي اسپتال مان پنهنجي والد جو  علاج ڪرائي سگھون. صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته  ثقافت کاتي طرفان ڏنل صحت ڪارڊ جو مدو به ختم ٿي ويو آهي،  نگران حڪومت سميت ثقافت کاتي کي ۽ اداڪارن جي لاء ڪم ڪندڙ تنظيمن کي اپيل ٿا ڪيون ته بابا  جو ڪنهن سٺي اسپتال مان سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي مالي مدد ڪري  فاقاڪشي کان بچايو وڃي.