سيمي فائنل سان گڏ فائنل به کٽينداسين: بابر اعظم

0
249
سيمي فائنل سان

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سيمي فائنل سان گڏ فائنل به کٽڻ جي اميد ڏيکاري آهي. ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ تي پرستارن جو ٿورائتو آهيان، هر حال ۾ سٺو کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سڀني رانديگرن کي ذميوارين جي خبر آهي، حسن علي کي ڊراپ ڪرڻ جو سوچي به نه ٿو سگهان هو مين بالر ۽ ميچ ونر آهي، فخر زمان جو سٺو ڏينهن هجي ته ميچ جو پاسو ئي بدلائي ڇڏيندو آهي. مون ڪپتاني ۾ کليل فيصلا ڪيا آهن.