ڪراچي(رپورٽ:فقير سليم) سنڌ سرڪار جناح اسپتال جي اڳوڻي ڊائريڪٽر  ڊاڪٽر  سيمي جمالي جي علاج لاءِ وڌيڪ 50 لک رپيا جاري  ڪرڻ  جي منظوري  ڏئي ڇڏي آهي، مجموعي طور کيس هڪ ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويا،  جناح  اسپتال جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي ڪجهه عرصو اڳ رٽائرڊ ٿي وئي هئي، جنهن کي ڪينسر  جي بيماري سبب آغا خان اسپتال مان سندس  علاج هلندڙ آهي، ان حوالي سان ڊاڪٽر سيمي جمالي کي سنڌ  جي صحت کاتي جي سفارش تي  اڳ ۾ 50 لک رپيا جاري  ڪيا ويا هئا، جڏهن ته وڌيڪ 50 لک رپيا  جاري  ڪرڻ لاءِ سمري وڏي وزير کي اماڻي وئي هئي، جيڪا وڏي وزير  منظور ڪري ورتي آهي، صحت کاتي جي سيڪريٽري پاران اماڻيل سمري جي منظوري بعد سنڌ  حڪومت جي ناڻي کاتي پاران آغا خان اسپتال جي اڪائونٽ ۾ 50 لک رپيا اماڻيا ويا آهن.