سيشن ڪورٽ جي حڪم خلاف خواجا آصف جي نظرثاني واري اپيل منظور

0
148
اليڪشن لاءِ مخالف ڌر سان
اليڪشن لاءِ مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم عمران خان جي خواجا آصف خلاف هرجاڻي واري ڪيس ۾ سيشن ڪورٽ جي حڪم خلاف نواز ليگ اڳواڻ جي نظرثاني واري اپيل منظور ڪري ورتي

سيشن ڪورٽ خواجا آصف جو عمران خان جي بيان تي جرح جو حق ختم ڪري ڇڏيو هو، خواجا آصف سيشن ڪورٽ جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته بيان تي جرح ڪرڻ خواجه آصف جو حق آهي، ٽرائل ڪورٽ کي جرح لاءِ ٻيو ڏينهن مقرر ڪرڻ گهرجي ها

عدالت چيو ته فيئر ٽرائل سندن حق آهي، ٽرائل ڪورٽ ڪيس روزانو ٻُڌِي ۽ مقرر وقت تي فيصلو ڪري

عدالت خواجا آصف جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان هن معاملي کي ڇو التوا ۾ وجهي رهيا آهيو، توهان غير ضروري طور ڪيس کي لٽڪائي رهيا آهيو، اهڙن غير ضروري ڪيسن ۾ احتياط ڪيو ته بهتر ٿيندو

عدالت خواجا آصف جي وڪيل پڇيو ته ڇا هن معاملي ۾ مسئلا فريم آهن؟ وڪيل چيو ته جي ڪيس فريم ٿي ويا آهن، عدالت چيو ته ٽرائل ڪورٽ کي ايندڙ ڏينهن تي ٻڌڻي لاءِ فيئر ٽرائل محفوظ ڪرڻ گهرجي ها فيئر ٽرائل هن جو حق آهي

ان تي عمران خان جي وڪيل چيو ته هڪ سال تائين هي عدالت ۾ نه آيا؟ ، جنهن تي عدالت چيو ته 17 ڊسمبر تي بيان رڪارڊ ڪرايو ويو، ان ئي ڏينهن ٽرائل ڪورٽ سندس جرح جو حق ڪيئن ختم ڪري سگهي ٿي؟، جنهن بعد عدالت ڄاڻايل ڪورٽ کي هدايت ڪئي ته روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪري فيصلو مقرر وقت تي ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

قومي اسيمبلي ۾ شازيا مري جي سوالن تي گوڙ، خواجا آصف جي گورنر اسٽيٽ بينڪ تي ڇتي تنقيد