سيراڻي ڀرسان ناري سان مبينا اجتماعي زيادتي، هڪ جوابدار گرفتار

0
218

سيراڻي (ن پ ا) سيراڻي ڀرسان ڳوٺ پانڌي ملاح ۾ گذريل ٽي ڏينهن اڳ 18 ورهين جي ناري نازيه ڌي عرس ملاح کي اجتمائي جنسي ڏاڍائي ڪندڙ الزام ۾ هڪ جوابدار سليمان ملاح کي بدين پوليس گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار سليمان ملاح جو بدين پوليس انڊس اسپتال بدين ۾ ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران جوابدار جا نمونا ورتا ويا آهن، واضح رهي ته ٽائيم نيوز تي جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جون خبر هلڻ کانپوءِ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.